اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي)پاڪ ڀارت جنگبندي ۽ هٿياربند فوج جي عسڪري برتري جا پاڪستان جي معاشي صورتحال تي هاڪاري اثر پيا آهن ۽ گذريل ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ تيزي ڏٺي وئي. ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 9466 پوائنٽس جي اضافي سان 8.12 سيڪڙو وڌي وئي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج طرفان دستياب ڄاڻ موجب ڪاروباري هفتي جي شروعات تي سومر جي صبح جو زبردست تيزي جو رجحان …
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ تيزي، 100 انڊيڪس هڪ لک 16 هزار 466 پوائنٽس جي سطح تي پهچي وئي
اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي)پاڪ ڀارت جنگبندي ۽ هٿياربند فوج جي عسڪري برتري جا پاڪستان جي معاشي صورتحال تي هاڪاري اثر پيا آهن ۽ گذريل ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ تيزي ڏٺي وئي. ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 9466 پوائنٽس جي اضافي سان 8.12 سيڪڙو وڌي وئي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج طرفان دستياب ڄاڻ موجب ڪاروباري هفتي جي شروعات تي سومر جي صبح جو زبردست تيزي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو، سيڙپڪارن طرفان سيڙپڪاري ۾ اضافي کان پوءِ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 9466 پوائنٽس مان وڌي هڪ لک 16466 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. جمعي تي انڊيڪس هڪ لک 7 هزار 174 پوائنٽس تي بند ٿيو هو، سيڙپڪارن 5 ارب 87 ڪروڙ 57 لک 47 هزار 103 روپين جي ماليت جي 12 ڪروڙ 49 لک 28 هزار 589 شيئرز جا 25 هزار 795 روپين ۾ سودا ڪيا، مجموعي طور تي 331 ڪمپنين جي شيئرز جو ڪاروبار ٿيو جن مان 320 ڪمپنين جي شيئرز جي ماليت ۾ اضافو ٿيو. صرف 5 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته 6 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتون برقرار رهيون. 10 مئي تي پاڪ فوج طرفان ڀارت خلاف آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سيڙپڪارن جو مورال وڌي ويو آهي، جن آٽوموبائيل اسمبلر، آٽو موبائيل اسپيئر پارٽس، ڪيبل اينڊ اليڪٽريڪل گڊاز، سيمينٽ، ڪيميڪل، ڪمرشل بئنڪن، انجنيئرنگ، فرٽيلائيزر، فوڊ اينڊ پرسنل ڪيئر گڊز، گلاس اينڊ سرامڪس، انشورنس، ٽيڪنالاجي اينڊ ڪميونيڪيشن ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن سميت ٻين سيڪٽرن ۾ ڀپرور سيڙپڪاري ڪئي آهي.












