اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمت ۾ ھفتي دوران گڏيل رجحان رھيو، پاڪستان جي شماريات واري اداري مطابق 8 مئي تي ختم ٿيل ھفتي ۾ ملڪ جي اترين شھرن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي سراسري ريٽيل قيمت 1417 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل ھفتي کان اڳ واري ھفتي جي ڀيٽ ۾ 0.47 سيڪڙو گھٽ آھي، گذريل ھفتي کان اڳ واري ھفتي ۾ اتر وارن شھرن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي سراسري ريٽيل قيمت 1423 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي ھئي. ان جي ابتڙ 8 مئي تي ختم ٿيل ھفتي ۾ ملڪ جي ڏکڻ وارن شھرن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي سراسري ريٽيل قيمت 1424 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل ھفتي کان اڳ واري ھفتي جي ڀيٽ ۾ 0.34 سيڪڙو وڌيڪ آھي، گذريل ھفتي کان اڳ واري ھفتي ۾ ڏکڻ وارن شھرن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري سراسري ريٽيل قيمت 1420 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي ھئي. انگن اکرن مطابق 8 مئي تي ختم ٿيل ھفتي ۾ اسلام آباد ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي سراسري ريٽيل قيمت 1402 روپيا، راولپنڊي ۾ 1386 روپيا، گوجرانواله 1450 روپيا، سيالڪوٽ 1420، لاھور 1461 روپيا، فيصل آباد 1400 روپيا، سرگوڌا 1400 روپيا، ملتان 1429 روپيا، بھاولپور 1450، پشاور 1416 روپيا ۽ بنون ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي سراسري ريٽيل قميت 1370 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي. اھڙي طرح ڪراچي ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي سراسري ريٽيل قيمت 1339 روپيا. حيدرآباد 1398 روپيا، سکر 1500 روپيا، لاڙڪاڻو 1416 روپيا، ڪوئيٽا 1450 ۽ خضدار ۾ 1443 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي.