اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) يورپي يونين جي ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي ملڪ موڪليل پرڏيھي ناڻي ۾ جاري مالي سال جي پھرين 10 مھينن ۾ ساليانو بنيادن تي 29 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آھي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي پھرين 10 مھينن ۾ يورپي يونين جي ملڪن ۾ ڪم ڪندڙن پاڪستانين 3.679 ارب ڊالرن جو ناڻو ملڪ موڪليو. جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي ڀيٽ ۾ 29 سيڪڙو کان وڌيڪ آھي، گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي ۾ يورپي يونين جي ملڪن مان آيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 2.861 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو ھو، اپريل ۾ يورپي يونين جي ملڪن مان ڏيھه موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 412 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو مارچ جي 433 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 5 سيڪڙو گھٽ ۽ گذريل سال اپريل 298 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 38 سيڪڙو وڌيڪ آھي. واضح رھي ته جاري مالي سال جي پھرين 10 مھينن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جو مجموعي پرڏيھه مان موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 31.210 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو آھي جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي 23.85 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 31 سيڪڙو وڌيڪ آھي. اي پي پي / پ – ر /م – ش / ج – پ 11:56