اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيندڙ 26 ڀارتي ملٽري ٽارگيٽس کي نشانو بڻايو، ڪنٽرول لائين تي رڳو فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو جيڪي پاڪستان ۽ ڪشمير ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا هئا، الله جو شڪر ادا ڪريون ٿا ته هن اسان کي فتح سان نوازيو، ٻن …
پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيندڙ 26 ڀارتي ملٽري ٽارگيٽس کي نشانو بڻايو: پاڪستان جي هٿياربند فوج جو ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري
اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيندڙ 26 ڀارتي ملٽري ٽارگيٽس کي نشانو بڻايو، ڪنٽرول لائين تي رڳو فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو جيڪي پاڪستان ۽ ڪشمير ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا هئا، الله جو شڪر ادا ڪريون ٿا ته هن اسان کي فتح سان نوازيو، ٻن جاين تي ڀارت جي ايس 400 بيٽري سسٽم کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، پاڪستان جي هٿياربند فوج قوم سان ڪيل واعدو نڀايو. هو آءِ ايس پي آر ۾ پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه جي نمائندن سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته اڄ توهان کي ”آپريشن بنيان مرصوص“ بابت اهم بريفنگ ڏئي رهيا آهيون. 6 ۽ 7 مئي تي ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت درجنين شهادتون ٿيون، اسان جون دليون ۽ همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. هن چيو ته ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ آپريشن بنيان مرصوص شروع ڪيو ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج قوم سان ڪيل واعدو نڀايو جنهن تي اسان الله جا شڪرگذار آهيون. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته ملڪ جي دفاع ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، پاڪستاني فوج پنهنجي غيرتمند ۽ بهادر قوم جا ٿورا ادا ڪري ٿي. هن چيو ته هٿياربند فوج دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيندڙ 26 ملٽري ٽارگيٽس کي نشانو بڻايو، ڪنٽرول لائين تي انهن فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو جيڪي ڪشمير ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا هئا، الله جو شڪر ادا ڪريون ٿا ته هن اسان کي فتح سان نوازيو. هن چيو ته ڀارت ڊرونز جي ذريعي پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ڪئي، پاڪستان سمورا حملا انتهائي مهارت سان ڪيا ته جيئن شهري آبادي نشانو نه بڻجي، ٻن جاين تي ڀارت جي ايس 400 بيٽري سسٽم کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو.












