اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ انڊيپنڊنٽ اردو سان واڳيل سينيئر صحافي ميمونه خان جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ميمونه خان ۽ ٻين گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ميمونه خان جي والده جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، والده جهڙي عظيم هستيءَ جو ڪو نعم البدل نه آهي. هن چيو ته والده جي شفقت، دعا ۽ محبت انسان جي زندگي جو سڀ کان قيمتي اثاثو هوندو آهي. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ميمونه خان ۽ سندس گهرڀاتين سان گڏ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.