اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي پوري قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته پاڪستان جي سخت رد عمل سان ڀارت ۾ مايوسي آهي ۽ ان جو تڪبر عاجزي ۾ بدلجي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سخت رد عمل جي روشني ۾ ڀارت جا پاليسي ساز پنهنجي پاليسين جو نئين سر جائزو وٺڻ تي مجبور ٿيا آهن. امڪاني ڳالهين جي سوال تي هن چيو ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي، ڪشمير مسئلي ۽ دهشتگردي جي ٽن اهم خدشن کي ترجيح ڏيندو، جن کي حل ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، اهي مسئلا پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پراڻي تڪرار جو سبب بڻيل آهن، هن انهن کي حل ڪرڻ لاءِ اهم سفارتي ڪوششن جي ضرورت پوندي. هن چيو ته انهن معاملن تي پاڪستان جو موقف واضح آهي ۽ ڪنهن به بامعنيٰ ڳالهين ۾ ان بنيادي خدشن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت پوندي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ڀارت جو غرور مٽيءَ ۾ ملي ويو آهي. هن پاڪستان جي تحمل کي ڪمزوري طور سمجهڻ جي غلطي ڪئي هئي پر اسان جي هٿياربند فوج فيصلائتو جواب ڏنو. خواجه محمد آصف پاڪستان جي هٿياربند فوج جي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته اسان جي بهادر فوج جون صلاحيتون عالمي سطح تي تسليم ٿيل ۽ ساراهه جوڳيون آهن.