اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) ڪشمير گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ڀارتي اڳرائي خلاف پاڪ فوج جي هاڻوڪي ڪامياب آپريشن تي قوم کي مبارڪون ڏيندي ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شڪراني وارو ڏهاڙو ملهائڻ واري موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) ڪي پي ڪي جي قيادت سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ جو ڏينهن پوري قوم لاءِ تاريخي ڪاميابي جو جشن ملهائڻ جو ڏينهن آهي ۽ ان موقعي تي مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته ڪي پي ڪي جي ضلعي ڪرم سان تعلق رکندڙ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر علي هادي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪردگي کان متاثر ٿي پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي جنهن ان خوشي کي وڌائي ڇڏيو آهي. انجنيئر امير مقام ڀارتي اڳرائي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته پهرين ڀارت پهلگام وارو ڊرامو رچايو ۽ پوءِ هڪ طرفي طور سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جو غير قانوني قدم کڻي پاڪستان جي امن جي خواهش کي رد ڪندي ڊرون ۽ ميزائلن سان پاڪستان جي مختلف شهرن کي نشانو بڻايو ۽ پاڪستان جي امن جي خواهش ۽ پهلگام واقعي جي غير جانبداراڻي جاچ جي آڇ کي ڪمزوري سمجهندي جنگ جي شروعات ڪئي جنهن جو پاڪستان جي بهادر فوج ڀرپور ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو. ڀارت کي اهڙو سبق سيکاريو جيڪو هو سڄي زندگي وساري نه سگهندو جنهن کانپوءِ پوري دنيا ڄاڻي ورتو ته ڀارت پنهنجي ناپاڪ مقصدن ذريعي ڪهڙي طرح خطي جي امن کي تباهه ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺل رهيو، جنگي جنون ۾ ورتل ڀارت جا سمورا ارادا ۽ خواب مٽيءَ ۾ ملايا ويا. هن چيو ته ڀارت کي عسڪري ئي نه پر سفارتي محاذ تي به شڪست نصيب ٿي. هن چيو ته هميشه کان والاريل ڪشمير جي عوام کي پنهنجي اگهاڙي جارحيت جو نشانو بڻائيندي انساني حقن جون سنگين پائماليون ڪري رهيو آهي، والاريل ڄمون ڪشمير جي هٿين خالي عوام ڀارتي اڳرائي، قتل ۽ لڄالٽ جي واقعن کي منهن ڏيندو رهيو ۽ ڀارتي قابض فوج هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم جو سلسلو جاري رکيو پيو اچي، هاڻي آمريڪي صدر به چيو ته ڪشمير تڪرار جو حل ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جو اصل سبب ڪشمير مسئلو آهي جنهن جو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب پرامن راءِ ذريعي حل ٿيڻ اڻٽر آهي جنهن سان ڀارت 75 سالن کان انڪاري هو. اميد آهي ته هاڻي ڀارت وڌيڪ ڪشميرين تي ظلم نه ڪندو.