اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال گلگت بلتستان ۾ توانائي جي مسئلن جي حل لاءِ نلتر هائيڊرو پاور منصوبي کي جلد کان جلد فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، نلتر هائيڊرو پاور منصوبي جو پي سي ون ٽيون ڀيرو منظوري لاءِ جمع ڪرايو ويو آهي. رٿابندي واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير احسن اقبال هلندڙ سال سيپٽمبر تائين نلتر هائيڊرو پاور پلانٽ کي هر حال فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ان حوالي سان لاڳاپيل عملدارن سان خصوصي ملاقات به ڪئي. هن چيو ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان ۾ توانائي جي مسئلن کي پهرين ترجيح تي حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. بجلي جي فراهمي شهرين جي اهم ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته ان جو هر شهري جي روزاني زندگي تي سڌي ريت اثر پوي ٿو. بجلي جي ناقابل اعتماد رسائي سماجي ترقي کي متاثر ڪري ٿي ۽ ماحولياتي خدشن کي به وڌائي ٿي. احسن اقبال چيو ته نلتر هائيڊرو پاور منصوبي کي جلد کان جلد آپريشنل ڪيو وڃي ته جيئن گلگت بلتستان جي عوام کي رليف ملي. هن منصوبي تي عملدرآمد جي مدت آگسٽ 2009ع کان 30 جون 2025ع تائين هئي، پهريون پي سي ون پهرين آگسٽ 2009ع ۾ 1372.330 ملين روپين ۾ منظور ٿيو جڏهن ته ٻيو پي سي ون 2021ع ۾ 6199.493 ملين روپين ۾ منظور ٿيو هو ۽ ٽيون پي سي ون هاڻ 10841.129 ملين روپين ۾ اسپانسرز طرفان جمع ڪرايو ويو آهي، انجنيئرنگ ڊزائن، تعميراتي مواد جي قيمت ۾ لاهن چاڙهن ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي وڌڻ سان منصوبي جي لاڳت وڌي وئي. وفاقي وزير لاڳاپيل عملدارن کي خاص هدايت ڪئي ته هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ منصوبي کي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن گلگت بلتستان جي شهرين کي توانائي جي بحران مان ڪڍي سگهجي.