اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مائرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته پوري قوم خاص ڪري پاڪستان جي عظيم ماءُ کي دلي محبت، عقيدت ۽ احترام سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ماءُ صرف هڪ رشتو ناهي پر محبت، قرباني، دعا، صبر ۽ بي لوث شفقت جو هڪ اهڙو مجموعو آهي جيڪو ڪائنات جو سڀ کان عظيم نعمت آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ماءُ جي هنج اها پهرين مڪتب آهي جتي انسان جيئڻ سکي ٿو، دعائون وٺڻ سکي ٿو، جز کان ڪل تائين هر منزل طئي ڪري ٿو، ماءُ جي هنج انسان جي پهرين درسگاهه آهي ۽ ان جي مسڪراهٽ دنيا جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي، ان جون خاموش دعائون زندگي جي ڏکي ترين سفر ۾ رهنمائي جو ڏيئو بڻجن ٿيون. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ طرفان ڪالهه جاري بيان ۾ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته معاشري جو بنياد ماءُ جي ڪردار تي جڙندو آهي. هڪ تعليم يافته، باوقار، باهمت ۽ باڪردار ماءُ هڪ نسل جي تربيت ڪري ٿي، جيڪو اڳتي هلي هڪ مضبوط، مذهب ۽ پرامن معاشرو جوڙي ٿي. ماءُ جي ڪردار کي نظرانداز ڪرڻ ايئن آهي ڄڻ ته ايندڙ سڀاڻ کي نظرانداز ڪرڻ آهي، اهو ئي سبب آهي اسان کي ماءُ کي نه رڳو گهريلو زندگي جو مرڪز سمجهڻ گهرجي پر کيس سماجي ترقي، تعليم، اخلاقي تربيت ۽ قومي وحدت جو ٿنڀ پڻ تسليم ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته هي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته پنهنجي ماءُ جو قدر صرف لفظن سان نه پر پنهنجي عمل، رويي ۽ خدمت سان ڪرڻو آهي.