پشاور-11 مئي (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وزيراعظم طرفان ملڪ جي بهادر فوج جي شجاعت ۽ ”آپريشن بنيان مرصوص“ جي ڪاميابي تي شڪراني وارو ڏهاڙو ملهائڻ جي اعلان جي مڪمل حمايت ڪندي ان کي وقت سر ۽ قوم کي متحد ڪرڻ وارو قدم قرار ڏنو آهي، ان حوالي سان فيصل ڪريم ڪنڊي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪ ڀارت جنگ ۾ عالمي ميڊيا تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جنهن جرئت ۽ بصيرت سان پاڪستان جو ڪيس پيش ڪيو ۽ ميڊيا جي محاذ تي ملڪ ۽ قوم جو دفاع ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي. عالمي ميڊيا تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي موقف دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته پاڪستاني قوم سياسي ويڇن باوجود ملڪ جي دفاع ۽ ڪشمير جي اصولي موقف تي متحد آهي ۽ بنيان المرصوص جو عملي مثال آهي. هن چيو ته شڪراني جو ڏهاڙو ملهائڻ ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته اسان جي بهادر فوج دشمن جي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي ملڪ جو دفاع نهايت جرئت ۽ پيشيوراڻي مهارت سان ڪيو. پوري قوم ان عظيم سپاهين ۽ غازين کي سلام پيش ڪري ٿي جن ملڪ جي حرمت تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو. هن چيو ته خيبرپختونخوا جو عوام پنهنجي بهادر پٽن کي سلام پيش ڪري ٿي.