اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ان عزم کي ورجايو آهي ته پاڪستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي جيڪو پنهنجي آزادي، وقار يا علائقائي سلامتي خلاف ڪنهن به قسم جي اڳرائي کي برداشت نه ڪندو. ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ بلال اظهر ڪياني قوم ۽ ان جي قيادت کي مبارڪون ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻاهرين خطرن جو مقابلو ڪندي پنهنجي اتحاد، لچڪ ۽ طاقت جو شاندار مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته امن جي اسان جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، هاڻوڪي ڀارتي اڳرائي تي تبصرو ڪندي مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان جي خوش قسمتي آهي جو ان کي نازڪ وقت ۾ فيصلائتي قيادت ميسر آئي، هن اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ملڪ جي سياسي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو جن جي اڳواڻي پاڪستان جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف جي خاص ساراهه ڪئي ۽ چيو ته قوم انهن جي قيادت ۽ خدمتن کي فخر سان سلام پيش ڪري ٿي.