اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر ٽرمپ جي قيادت، عالمي امن جي لاءِ وابستگي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ سندس انتهائي قيمتي آڇ تي ٿورا ادا ڪيا آهن. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان ۽ آمريڪا پنهنجي گڏيل مفادن جي تحفظ ۽ فروغ سان گڏوگڏ دنيا جي اهم حصن ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي بطور حصيدار ڪم ڪيو آهي. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان کي صدر ٽرمپ جي شڪل ۾ هڪ بهترين پارٽنر مليو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ حصيداري کي ٻيهر سگهه ڏئي سگهي ٿو ۽ نه رڳو واپار ۽ سيڙپڪاري پر تعاون جي ٻين سمورن شعبن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم ڪري سگهي ٿو.