پاڪستان پاران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪ ڀارت لاڳاپن جي حوالي سان بيان جي آجيان

اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪ ڀارت لاڳاپن جي حوالي سان بيان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تازي جنگبندي، مفاهمت جي حمايت ۾ ٻين دوست رياستن ۽ آمريڪا جي تعميري ڪردار کي ساراهيون ٿا، جيڪو ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ علائقائي استحڪام طرف هڪ مثبت قدم آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي …

اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪ ڀارت لاڳاپن جي حوالي سان بيان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تازي جنگبندي، مفاهمت جي حمايت ۾ ٻين دوست رياستن ۽ آمريڪا جي تعميري ڪردار کي ساراهيون ٿا، جيڪو ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ علائقائي استحڪام طرف هڪ مثبت قدم آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اسان صدر ٽرمپ پاران ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل جي ڪوششن جي حمايت تي راضپي جي اظهار کي پڻ ساراهيون ٿا. اهو هڪ پراڻو حل طلب مسئلو آهي جنهن جا ڏکڻ ايشيا ۽ خطي کان ٻاهر امن ۽ سلامتي جي لاءِ سنگين مضمرات آهن. پاڪستان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪري ٿو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو ڪو به منصفاڻو ۽ پائيدار حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب هجڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام جي بنيادي حقن بشمول انهن جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي. پاڪستان خطي ۾ امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي فروغ جي ڪوششن ۾ آمريڪا ۽ عالمي برادري سان شامل ٿيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان آمريڪا سان گهڻ رخي حصيداري ۽ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون.