اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار يونان جي پرڏيهي وزير جيورگوس گيراپيٽريٽس سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، يوناني پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي جي معاهدي تي خوشي جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه دوران يوناني پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي جي معاهدي تي خوشي جو اظهار ڪيو. اسحاق ڊار خطي ۽ سڄي دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبرن جي حيثيت سان گهڻ رخي فورمز تي ويجهي رابطي ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.