اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو ۽ نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف ۽ سموري فوج کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته انهن جي بهادري ۽ اڻٿڪ محنت هن جنگ ۾ اسان کي فتح ڏياري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۽ جنگبندي تي صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته مون کي پاڪستان جي هٿياربند فوج، پاڪ بحريه ۽ فضائيه تي سدائين کان يقين رهيو آهي، اسان ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، اسان ڀارت جي نام نهاد فوجي قوت کي سخت نقصان پهچايو آهي. صدر چيو ته اڄ اسان جي قوم جو عزم بي مثال آهي، اهو ئي عزم اسان جي ابن ڏاڏن جي ٻه قومي نظريي کي سگهه ڏي ٿو. صدر چيو ته بحيثيت اسلامي رياست ۽ الله تي اسان جي ايمان اسان کي پنهنجي ماپي کان تمام وڏي ملڪ جي خلاف بيهڻ جي طاقت ۽ همت عطا ڪئي، آئون آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو، نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف ۽ سموري فوج کي مبارڪباد ڏيان ٿو جن جي بهادري ۽ اڻٿڪ محنت هن جنگ ۾ اسان کي فتح ڏياري. صدر چيو ته قوم کي خوشي ملهائڻ گهرجي ۽ شهادت ماڻيندڙن جي لاءِ پڻ دعا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو قيام ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ۽ ٻين مرڪزي مسئلن خاص طور تي سنڌ طاس معاهدي جي حل ۾ آهي، آئون انهن سمورن دوست ملڪن بشمول چين، آمريڪا، ترڪيه، سعودي عرب ۽ ايران جا ٿورا ادا ڪريان ٿو جيڪي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ اسان سان گڏ بيٺل رهيا. هن چيو ته پاڪستان اشتعال انگيزي نه ٿو چاهي، امن جو خواهشمند آهي پر اسان پنهنجي خودمختياري تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪنداسين.