اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ڀارت جي ايس 400 دفاعي نظام کي تباهه ڪرڻ ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ تي ايئر وائيس مارشل ظهير احمد ۽ پاڪ فوج کي ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن. گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ هن چيو ته اسان جي شاهينن ڀارتي حڪومت جي سمورن منصوبن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. پاڪ فوج دشمن تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان پنهنجو دفاع ڪرڻ چڱي ريت ڄاڻي ٿو. راڻا مشهود احمد چيو ته ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ملي چڪو آهي، دشمن ڄاڻي وٺي اسان اها قوم آهيون جيڪا موت کان نٿي ڊڄي. هن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي فوج سان گڏ آهي، اسان امن کي ترجيح ڏيون ٿا پر پنهنجي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهيون.