اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو جواب دانشمندي سان ڏنو آهي. گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ڪڏهن به جارحاڻو رويو اختيار ناهي ڪيو پر پنهنجي خلاف ڪنهن به جارحارڻي قدم جو جواب مضبوطي سان ڏيڻ جو عزم برقرار رکيو. هن چيو ته پاڪستان پهلگام حادثي جي غيرجانبداراڻي جاچ جي آڇ ڪئي، اسان جو موقف امن ۽ انصاف تي ٻڌل آهي. ڀارت بار بار جنيوا ڪنوينشنز ۽ عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان وٽ ڀارت طرفان سرحد پار ڀڃڪڙين جا ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت موجود آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته موجوده جنگ بندي برقرار رهندي. هن ٻن ايٽمي هٿيارن وارن پاڙيسرين وچ ۾ هڪ پائيدار امن ميڪنزم تي زور ڀريو.