لاهور-10 مئي (اي پي پي) پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر اشرفي چيو آهي ته ڀارت ڄاڻي چڪو آهي ته پاڪستان ڪنهن به لحاظ کان ڪمزرور ملڪ ناهي، الله تعاليٰ، پاڪستاني قوم ۽ پاڪ فوج کي عظيم ڪاميابي سان نوازيو آهي، پاڪستان جو دفاعي نظام مضبوط هٿن ۾ آهي، سڄي قوم پاڪ فوج جي ڪاميابي تي شڪراڻي جا نفل ادا ڪري. ڇنڇر ڏينهن پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چيو ته پاڪ فوج پنهنجي دشمن ڀارت کي شڪست ڏئي سڄي دنيا کي ٻڌايو آهي ته پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، جيڪو هٿ پاڪستان طرف وڌندو اهو ٽوڙيو ويندو. هن چيو ته پاڪ فوج جي ڪاميابي تي وزيراعظم، صدر مملڪت ۽ سپهه سالار کي سلام پيش ڪريون ٿا، قوم عظيم ڪاميابي تي شڪراڻي جا نفل ادا ڪري ۽ ملڪ ۽ پاڪ فوج جي سلامتي لاءِ دعا ڪري.