اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي)سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پاڪستان جي هٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني شاهينن دشمن جي غرور کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪ فوج کي ان فتح تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قائداڻي صلاحيت جي ڪري قوم اتحاد جو مظاهرو ڪيو، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ملڪ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا، ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ملي چڪو آهي، امن اسان جي ترجيح آهي پر پنهنجي دفاع تي ڪو به سمجهوتو نٿا ڪري سگهون.