مظفرآباد-10 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي بنيان المرصوص تي پاڪ فوج کي ڪشميري عوام طرفان خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي خاص بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جي سپهه سالار سيد عاصم منير کي سلام پيش ڪريون ٿا، پاڪ فوج جي سربراهه پنهنجو قول سچ ڪري ڏيکاريو، ڪشمير تي ٽي جنگيون وڙهيون آهن، پاڪ فوج بي گناهه شهرين جي شهادت جو بدلو وٺي ڇڏيو. هن چيو ته پاڪ فوج جي مهارت دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، پاڪ فوج ڀارت جي ملٽري انسٽاليشنز کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، بنيان المرصوص دشمن تي پاڪ فوج جو خوف طاري ڪري ڇڏيو آهي، پاڪ فوج صرف ڀارت جي ملٽري هدفن کي نشانو بڻايو، پاڪ فوج جي ايڪيوريسي ڪمال آهي، پاڪ فوج خطي ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ آهي. ڪشميري عوام ۽ هٿياربند فوج هڪ جان ۽ ٻه دليون آهن. هن چيو ته قانونساز اسيمبلي ۾ چيو هو ته ڀارت کي جواب ملندو، پاڪ فوج جي عزم، جذبي ۽ قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته قوم کي پنهنجي بهادر فوج تي فخر آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج قوم جو ڳاٽ اونچو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀارتي جارحيت جو اثرائتو جواب ڏيڻ تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ۽ پنهنجي بهادر جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، وزيراعظم چيو ته پاڪستان طرفان ڀارت کي ڏينهن جي روشني ۾ منهن ٽوڙ جواب هميشه ياد رهندو.