اسلام آباد -10 مئي (اي پي پي) ملڪ جي موجوده صورتحال سبب پاڪستان ۾ فضائي آپريشن متاثر ٿيو آهي، مسافرن کي درخواست آهي ته معاملي جي سنگيني جو ادراڪ ڪن ۽ ايئر لائين عملي سان تعاون ڪن. پي آءِ اي اختيارين طرفان جاري بيان موجب فضائي حفاظت کي نظر ۾ رکندي فضائي حدون سموري قسم جي فضائي ٽريفڪ لاءِ دستياب ناهن. جنهن سان اڏامون متاثر ٿيون آهن. عارضي بندش ملڪي ايئر لائينز جي اثاثن ۽ مسافرن کي پنهنجي حفاظت خاطر ڪئي آهي.مسافرن جي سهولت لاءِ پي آءِ اي ڪال سينٽر سندن دستياب فون نمبر تي کين آگاهه ڪري رهيو آهي. مسافرن کي درخواست آهي ته هو ايئرپورٽ آمد کان اڳ پي آءِ اي ڪال سينٽر ۽ ويب سائيٽ سان رابطو ڪن ۽ پنهنجي اڏامن بابت وقت سر ڄاڻ حاصل ڪن.