اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته جيڪڏهن اسان اهو ردعمل نه ڏيون ها ته ڀارت 2 يا 3 مهينن کانپوءِ ٻيهر اسان تي چڙهائي ڪري ها، اسان ڀارت کي روڪيو آهي، ڀارت کي خبر هئڻ گهرجي ته پاڪستان برداشت نه ڪندو. ڇنڇر ڏينهن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي دفاع واري وزير خواجه محمد آصف جو چوڻ هو ته ڀارت سان جيڪڏهن معاملو اڳتي وڌي ٿو ته اسان ٻئي ليول لاءِ به تيار آهيون. هن چيو ته ٻن ائٽمي طاقتن جي جنگ دنيا لاءِ فڪر جو مقام آهي، جنگ وڏي ٿي ته پوءِ هن خطي تائين محدود نه رهندي. هن ٻڌايو ته نور خان ايئر بيس تي هڪ گاڏي کانسواءِ ڪنهن ٻي جاءِ تي نقصان نه ٿيو.