اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) سي ڊي اي چيئرمين، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ ڊي جي سول ڊفينس محمد علي رنڌاوا قومي ايمرجنسي کي نظر ۾ رکندي سمورن صوبن ۾ رضاڪارن جي انگ ۾ اضافي ۽ کين متحرڪ ۽ سمورن صوبن وچ ۾ رابطن ۽ ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. سي ڊي اي چيئرمين، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ ڊي جي سول ڊفينس محمد علي رنڌاوا جي صدارت هيٺ ملڪي ايمرجنسي صورتحال ۽ ان حوالي سان تيارين جي جائزي لاءِ اهم اجلاس گذريل ڏينهن منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سي ڊي اي ميمبرن، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد، تعليم واري وزارت سميت پنجاب، ڪي پي ڪي، سنڌ، بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي سول ڊفينس جي آفيسرن کانسواءِ صوبائي هوم ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن زوم لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سي ڊي اي چيئرمين، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ ڊي جي سول ڊفينس محمد علي رنڌاوا موجوده ملڪي حالتن ۾ سمورن صوبن وچ ۾ رابطن ۽ ڪوآڊينيشن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ رضاڪارن کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ سلام آباد سميت سمورن صوبن، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي سول ڊفينس ۽ لاڳاپيل آفيسرن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور تيارين جي حوالي سان بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا آهن ۽ فوڪل پرسنز به نامزد ڪيا ويا آهن، موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي نجي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي صورتحال لاءِ بيڊز ۽ وارڊز مختص ڪيا ويا آهن، موجوده ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي سموري ملڪ ۾ ايمبولينسز ۽ فائر فائٽر 7/24 الرٽ آهن. سي ڊي اي چيئرمين ۽ ڊي جي سول ڊفينس وڌيڪ چيو ته اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سڄي ملڪ ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سول ڊفينس جون مشقون ڪرايون وڃن.