راولپنڊي-10 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ آپريشن بنيان المرصوص ۾ راجوڙي ۾ ڪامياب ڪارروائي دوران دهشتگردن جو سهولتڪار ايڊيشنل ڊي سي راج ڪمار ٿاپا مارجي ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڀارتي حڪومت جي سرپرستي ۾ ايڊيشنل ڊي سي راج ڪمار ٿاپا دهشتگردن جو سهولتڪار هو، هي حڪومتي اعليٰ عهدي جي آڙ ۾ دهشتگردن سان مليل هو. راج ڪمار ڪشميري مسلمانن لاءِ دهشت جي علامت هو. راج ڪمار اعليٰ فوجي بريفنگز ۾ شامل هوندو هو. راجوڙي ۾ فوج پاڪستان جي جوابي ڪارروائي ۾ راج ڪمار مارجي ويو.