لاهور-10 مئي (اي پي پي) پنجاب جي سينئر وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي اطلاعات واري سيڪريٽري مريم اورنگزيب چيو آهي ته آپريشن بنيان المرصوص قومي غيرت جي روشن نشاني آهي، دنيا پاڪستان جي دفاعي حڪمت عملي جو اعتراف ڪري رهي آهي. گذريل ڏينهن جاري پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته آپريشن ”بنيان المرصوص جي ڪاميابي تي پوري قوم پاڪ فوج کي سلام پيش ڪري ٿي، ڏينهن جي روشني ۾ ڀارتي جارحيت جو جوابي حملو ڪري دشمن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته پاڪ فوج جو هر حملو دشمن جيي غرور جو ڪفن بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع تي ڪو به ٺاهه نه ڪندو، هر محاذ تي پاڪستان پنهنجي برتري مڃرائي آهي، دنيا پاڪستان جي عسڪري مهارت ۽ دفاعي حڪمت عملي جو اعتراف ڪري رهي آهي، ملڪ جي تحفظ ۾ اتحاد، حوصلو ۽ ايثار اسان جي اصل طاقت آهن.