اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاڪ فضائيه (پي اي ايف) جي مضبوط دفاعي رد عمل جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته، ڀارت پاڪستان جي خاموشي کي ڪمزوري سمجهيو پر پاڪستان ڀارت جي غلط فهمي جو جواب هڪ طاقتور ۽ پرعزم جواب ڏنو. گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پاڪستان ڳالهين ۽ امن تي يقين رکي ٿو، پاڪستان کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي ۽ هن جامع ۽ موثر جواب ڏنو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي عسڪري قيادت تي مڪمل اعتماد آهي جنهن ڀرپور جواب ڏنو، جيڪڏهن ڀارت پنهنجون ڪارروايون بند نه ڪيون ته وڌيڪ جوابي ڪارروائي ڪئي ويندي.