راولپنڊي-10 مئي (اي پي پي) ڀارتي اشتعال انگيزين خلاف پاڪ فوج طرفان شروع ڪيل جوابي آپريشن بنيان المرصوص دوران دشمن کي شديد نقصان پهچايو ويو. پاڪستاني فتح 1 – ميزائيل سسٽم دشمن جي ڪيترن ئي فوجي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، جن جي وڊيوز هاڻي منظرعام تي اچي چڪيون آهن. انهن منظرن ۾ هر طرف دونهون، باهه ۽ تباهه ٿيل ڀارتي ملڪيتون واضح طور تي ڏسي سگهجن ٿيون. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول جي مختلف هنڌن تي دشمن جي اهم پوسٽن کي نشانو بڻايو، ربتانوالي، ڊنه پوسٽ، خواجه ڀيڪ ڪامپليڪس، رنگ ڪنٽوئر، ڦڪليان سيڪٽر ۽ پٿيلي ٽاپ جهڙن حساس فوجي هنڌن تي دشمن جا اڏا مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيا. پٿيلي ٽاپ گن پوزيشن تي سڄي رات جاري شديد بمباري جا منظر به وڊيوز ۾ واضح طور تي ڏسي سگهجن ٿا. پاڪستاني توپن دشمن جي توپن کي مڪمل طور تي خاموش ڪرائي ڇڏيو. جڏهن ته فضا ۾ الله اڪبر جا نعرا گونجندا رهيا. شهادت جي جذبي ۽ حب الوطني سان ٽمٽار جوانن نهايت بهادري سان دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. هوڏانهن فتح -1 ميزائل سسٽم جي مدد سان ڀارت جي اهم عسڪري ٺڪاڻن کي هدف بڻايو ويو جن ۾ اوڌم پور ايئر بيس به شامل آهي. حملي کانپوءِ اوڌم پور ايئر بيس کي باهه لڳي وئي ۽ افراتفري وارو ماحول پيدا ٿي ويو. وڊيوز ۾ واضح طور تي ايئر بيس جي تباهي، دونهن جا ڪڪر ۽ سڙندڙ عمارتون ڏسي سگهجن ٿيون. اهي وڊيوز نه رڳو دشمن جي تباهي جو ثبوت آهن پر قوم کي اهو يقين ڏيارين ٿيون ته ملڪ جي دفاع لاءِ اسان جي بهادر فوج هر وقت تيار آهي. دشمن جي هر جارحيت جو جواب انهي جي ٻولي ۾ ڏيڻ جو حوصلو ۽ صلاحيت پاڪستان جي سپاهين ۾ موجود آهي.