اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جي سول ۽ فوجي قيادت ڀرپور صبر ۽ تحمل کانپوءِ آپريشن بنيان المرصوص جي شروعات ڪئي آهي، هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڀارت کي خطي جي بالادستي جي دعويٰ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي صبر جو پئمانو ڀرجي چڪو آهي، گذريل رات جي ايئر بيسز تي ڀارتي حملن کانپوءِ پاڪستان جي سول ۽ ملٽري قيادت وٽ جواب ڏيڻ کانسواءِ ڪو به رستو نه هو، جڏهن ڳالهه منافقت ۽ ٻٽي معيار جي هجي ته اسان هڪ حد کان اڳتي نٿا وڌي سگهون. محمد اسحاق ڊار چيو ته پوري قوم جي دعائن سان الله تعاليٰ اسان کي فتح عطا ڪندو. هن چيو ته حڪومت تي ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ جي اولين ذميواري آهي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ هٿياربند فوج پرعزم آهي ته ڀارت کي پنهنجي بالادستي جي دعويٰ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته ڇنڇر کان شروع ڪيل آپريشن ڪنهن نه ڪنهن طريقي ختم ٿي ويندو، پر هي سڀ ڪجهه ان ڳالهه تي آهي ته ڀارت ڇا چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جا قدم دفاعي نوعيت جا هئا ۽ پاڪستان هاڻي به ڀارت جي اڳوڻن قدمن جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات پاڪستان جي بهادر فوج ڀارتي حملن جو فيصلائتو جواب ڏنو ۽ 5 ڀارتي جيٽ جهازن کي ماري ڪيرايو، اسان جارحاڻي ڪارروائي ناهي ڪئي پر جيڪي ڪارروايون ڪيون ويون آهن اهي دفاعي نوعيت جون آهن ۽ اهي دنيا آڏو واضح آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ۽ هن وقت تائين ڀارت جا 80 کان وڌيڪ ڊرون ماري ڪيرايا آهن. هن چيو ته اسان تحمل کان ڪم ورتو ۽ هاڻي اسان جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهيون اها هڪ مناسب جوابي ڪارروائي آهي. جيڪڏهن ڀارت پنهنجي اڳرائي جاري رکي ته پاڪستان جو وڌيڪ رد عمل سامهون ايندو. پاڪستان جي قيادت جي عالمي برادري سان وڏي پئماني تي رابطن تي روشني وجهندي هن چيو ته سڄي دنيا ڀارت جي گمراهه ڪن دعوائن ۽ خاص ڪري پهلگام حملي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جي الزامن بابت تيزي سان آگاهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا به ان حملي جي حوالي سان الزامن تي ثبوتن جي عدم فراهمي تي پنهنجي حڪومت تي سوال اٿارڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته عالمي برادري ڀارت کي جوابده بڻائي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي ڪوڙين دعوائن جي ابتڙ آمريڪا به باضابطه طور تي تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان جو ڪو به ايف 16 جهاز تباهه ناهي ٿيو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته 24 اپريل تي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پاڪستان ڪنهن به ڀارتي جارحيت ۽ قدمن جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.