راولپنڊي -10 مئي (اي پي پي)پاڪ فوج طرفان ڀارتي جارحيت خلاف آپريشن ”بنيان مرصوص“ شروع ڪيو ويو آهي. آپريشن جي شروعات تي براهموس اسٽوريج سائيٽ، ايئر بيس اڌم پور ۽ پٺاڻ ڪوٽ ايئر فيلڊ کي تباهه ڪيو ويو آهي، سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج آپريشن بنيان مرصوص جي باقاعده شروعات ڇنڇرڏينهن صبح جو سوير ڪري ڇڏي آهي. پاڪ فوج آپريشن جي شروعات تي ڀارت جي دفاعي ٺڪاڻن تي ميزائيل فائر ڪيا آهن، جنهن سان هن وقت تائين براهموس جي اسٽوريج تباهه ٿي وئي. پاڪ فوج جي آپريشن دوران ايئر بيس اڌم پور کي تباهه ڪيو ويو آهي. پاڪ فوج ميزائيل فائر ڪيا جنهن سان پٺان ڪوٽ ۾ ايئر فيلڊ به تباهه ٿي وئي. ڀارت ۾ وڌيڪ هنڌن تي حملا جاري آهن. پاڪستان جي آپريشن جو نالو آپريشن بنيان مرصوص“ آهي، جنهن جو مطلب شيهي واري ديوار آهي. قرآن پاڪ جي سوره الصف جي آيت نمبر 4 مان ورتل آهي، جنهن ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته: بيشڪ الله انهن ماڻهن سان محبت ڪري ٿو جيڪي الله جي رستي ۾ اهڙي طرح صف ٺاهي وڙهن ٿا ڄڻ ته هو شيهي جي ديوار هجن.