اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ميمبرن ڀارتي اڳرائيءَ جي شديد مذمت ۽ عالمي برادريءَ کان ڀارت جي دهشتگرداڻين ڪاررواين جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي، مادرِ وطن جي بچاءُ لاءِ جانيون ۽ مورال جي قربانيءَ کان نه ڪيٻايو ويندو. قومي اسيمبليءَ ۾ ڀارت جي پاڪستان خلاف جاري اڳرائيءَ سبب پيدا ٿيل صورتحال تي بحث ۾ حصو وٺندي علي قاسم گيلاني چيو ته اسان پنهنجي شهيدن جي خاندانن جي ڏُک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. پاڪ فضائيه پاڪستانين جو ڳاٽ اونچو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جنگ ۾ پهريون قتل سچ جو ٿيندو آهي، ڀارت ۾ ان جنگ جي حوالي سان مسلسل ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي، هي اهڙي جنگ آهي جنهن جي شروعات ڀارت ڪئي آهي پر ان کي ختم اسان ڪنداسين. علي قاسم گيلاني چيو ته پاڪستان جي ميڊيا ذميداري جو مظاهرو ڪيو ۽ دنيا کي ڏيکاريو ته ڀارت اڳرائيءَ جو مظاهرو ڪري معصوم ماڻهن کي نشانو بنايو، مدرسن، مسجدن ۽ اسپتالن کي نشانو بنايو آهي. هن چيو ته هن وقت ملڪ کي پاڪ فوج کي قوم جي اتحاد ۽ اتفاق جي ضرورت آهي. ڀارتي اڳرائيءَ کان پوءِ پوري قوم هڪ آهي، اسان کي پنهنجي شرطن ۽ مرضيءَ تي ڀارت کي اهو زخم رسائڻو آهي جنهن کي هو هميشه ياد رکي، اسان کي پنهنجي قومي قيادت تي مڪمل اعتماد آهي، پاڪستان ڀارت جي دهشتگرديءَ جو شڪار آهي. رعنا انصر چيو ته پاڪستان ڪلمي جي بنياد تي بنيل ملڪ آهي، ڀارت بوکلاهٽ جو شڪار آهي، پاڪستان جي ترقي ان کان هضم نه ٿي رهي آهي، هي ملڪ قربانين کانپوءِ بنيو آهي ۽ هي قيامت تائين قائم رهندو. 24 ڪروڙ عوام فوج سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ايوان کان اهو پيغام ڏيڻو آهي ته پوري قوم هڪ آهي، سعد بلوچ چيو ته پهلگام واقعي جي آڙ ۾ مودي سرڪاري پاڪستان خلاف جيڪا ڪارروائي ڪئي آهي اها مذمت جوڳي آهي اسان کي يڪجهتيءَ سان اختلاف وساري ڀارت خلاف شيهي جي ڀِت بنجڻو پوندو. پارلياماني سيڪريٽري عثمان اويسي چيو ته اسرائيل ۽ ڀارت جي ظلمن تي دنيا خاموش آهي. بهاولپور ۾ هندستان ميزائل اُڇلايا ان مان ڪجهه عورتون، 6 سالن جي فاطمه، 3 سالن جي هوا بيبي ۽ ٻن سالن جي عروه شهيد ٿي ويون، هڪ ڳورهاري عورت هئي ۽ ان کي مڙده حالت ۾ اسپتال آندو ويو ته جيئن ٻار کي بچائي سگهجي پر ان 9 مهينن جي ٻار کي والده جي قدمن ۾ دفنايو ويو. اسان مودي سرڪاري کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته تو لڪي وار ڪيو اسان سامهون کان وار ڪنداسين، تو رات جي اونداهيءَ ۾ حملو ڪيو اسان ڏينهن جي روشنيءَ ۾ حملو ڪنداسين. تو عورتن ۽ ٻارن تي حملو ڪيو اسان تنهنجي فوج کي نشانو بنائينداسين، هي جنگ مودي شروع ڪئي آهي ان کي اسان ختم ڪنداسين. سبين غوري چيو ته جڏهن به ڀارت اندروني حملن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيو ته ان جو الزام پاڪستان تي لاڳو ڪري ٿو. پاڪ فضائيه ڀارت جي جديد ترين جهازن کي ڪاميابيءَ سان نشانو بنايو. هن چيو ته جنگ ڪڏهن به هٿيارن سان نه پر عزم ۽ حوصلي سان وڙهي ويندي آهي. پاڪستان 77 کان وڌيڪ ڊرون حملن کي ناڪام بنائي چڪو آهي، پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت کي سلام پيش ڪريان ٿي جن بردباري ۽ حڪمت سان ڪم ورتو. چنگيز خان چيو ته پاڪستان هوندو ته سياست به هوندي ۽ اسان جي سُڃاڻپ به هوندي. هندستان اسان جي مسجدن، مدرسن ۽ عوام تي رات جي اونداهيءَ ۾ حملو ڪيو. ڊاڪٽر امجد علي چيو ته ڀارت جو حملو عالمي قانونن جي سراسر ڀڃڪڙي آهي ۽ پاڪستان جي قومي يڪجهتيءَ جو امتحان آهي. ڀارت جيڪو هڪ طرف حملو ڪيو آهي اهو ان خطي تي اهڙو نظام لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هو جج، جيوري ۽ جلاد هجي. هن فسطائيت جو مقابلو ڪرڻ ۽ جواب ڏيڻ ضروري آهي، اسان کي اهڙو جواب ڏيڻو آهي جو تاريخ ۾ ياد رکيو وڃي. شمشير علي چيو ته خطي ۾ غزوه هند جي بنياد رکي پئي وڃي، هي غزوه تڏهن شروع ٿيندي جڏهن اسان سان ڪو وڙهندو، جنگيون برابر جي هٿيارن سان وڙهيون وينديون آهن، اسان وٽ جذبو به آهي ۽ هٿيار به آهن. هن چيو ته روايتي جنگ ڀارت شروع ڪري سگهي ٿو پر ضروري ناهي ته ان جي پڄاڻي روايتي هجي، ان لاءِ ڀارت کي سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻو پوندو، شهادت اسان جي خواهش آهي، ڇاڪاڻ ته شهيد قيامت تائين زندهه رهندو آهي. شاندانه گلزار چيو ته 77 سالن کان ڀارت ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، پاڪستان نه پر آر ايس ايس مهاتما گانڌيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو هو. نريندر مودي هڪ شيطان آهي جنهن ملڪ ۾ مذهبي ۽ نسلي اقليتن جي قتلِ عام ۾ حصو ورتو. هن چيو ته پهلگام فالس فليگ آپريشن جو بنيادي مقصد مودي جي ڪرپشن تي پردو وجهڻ لاءِ ڪيو ويو هو. هن چيو ته ڀارت ڪئنيڊا ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ڪيون آهن. گجرات جي ڪاسائيءَ کي آمريڪا ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. هو مسلمانن جون کلون لاهي رهيو آهي. رضا علي گيلاني چيو ته جڏهن به ڀارت ۾ چونڊ ويجهو اچن ٿيون ته پهلگام ۽ پلواما جهڙا واقعا ڪيا وڃن ٿا. مودي سمجهيو ته اهو حملو ڪندو ۽ پاڪستان خاموش رهندو اها مودي جي ڀُل آهي. شفقت عباس چيو ته پهلگام واقعي جي آڙ ۾ پاڪستان تي جنگ مڙهي پئي وڃي ان صورتحال جي روشنيءَ ۾ قومي يڪجهتي وقت جي ضرورت آهي. زرتاج گل چيو ته بزدل ڀارت جهڙيءَ طرح رات جي اونداهيءَ ۾ حملو ڪيو آهي ان وقت کان سڀني پاڪستانين پنهنجي طريقي سان بيانيي جي جنگ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو آهي. پاڪستان جي ميڊيا ذميداريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، ڀارت جي ميڊيا ڪالهه ٻُڌايو ته ملتان جي بندرگاهه تي قبضو ڪيو ويو. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي پابنديون نه هئڻ گهرجن. موجوده حالتن ۾ پاڪستان جي سوشل ميڊيا جا ايڪٽويسٽ پاڪستان جو ڪيس وڙهي رهيا آهن.