اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي التوا هيٺ ڪيسن ۾ گهٽتائيءَ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ گرمي جي موسم ۾ عدالتي موڪلون گهٽ ڪري ڇڏيون. سپريم ڪورٽ پاران جاري بيان موجب چيف جسٽس آف پاڪستان ڪيسز جو بيڪ لاگ گهٽ ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم طور سپريم ڪورٽ رولز 1980ع جي آرڊر II جي رول 4 تحت اختيارن جو استعمال ڪندي گرمي جي موسم جي موڪلن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. گرمي جي موسم جي عدالتي موڪلن جي شيڊول موجب موڪلون 16 جون 2025ع کان شروع ٿينديون، جڏهن ته 8 سيپٽمبر 25ع تي معمول موجب عدالتي ڪارروائي ٻيهر شروع ٿي ويندي. التوا هيٺ ڪيسن کي اُڪلائڻ جي اشد ضرورت کي نظر ۾ رکندي چيف جسٽس آف پاڪستان ججن کي چيو ته هو گرمين جون موڪلون صرف هڪ مهيني لاءِ ڪن ۽ ان سلسلي ۾ موڪلن لاءِ پنهنجي گهربل تاريخن کان آگاهه ڪن. ٻي طرف ججن اها به درخواست ڪئي آهي ته هو ان عرصي ۾ 15 ڏينهن پنهنجي مرضيءَ جي اسٽيشن تي ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي دستيابيءَ جي نشاندهي به ڪن، جڏهن ته باقي ڏينهن ۾ هو اسلام آباد ۾ پرنسپل سيٽ تي ئي گذارين. اهڙيءَ طرح جيڪي جج آئيني بينچ جو حصو آهن انهن کي اطلاع ڪيو ويو آهي ته انهن جي هڪ مهيني موڪل عدالت ۾ جاري آئيني ٻُڌڻين ۾ انهن جي مصروفيتن سان مشروط هوندي.