اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير عادل الجبير جو پرڏيهي وزارت اچڻ تي استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ وقت جي هر آزمائش ۾ پورو لهندڙ ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ٻطرفي لاڳاپن جي مڪمل دائره ڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن بدلجندڙ علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ سعودي عرب جي تعميري سفارتي ڪوششن کي ساراهيو.