اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم کيس علائقي جي بدلجندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير جيهون بيراموف پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڀارت جي غير قانوني حملن جي روشنيءَ ۾ پاڪستان سان مضبوط يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو. هن معصوم جانين جي ضايع ٿيڻ تي پاڪستاني عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن جو عزم ورجائيندي ٻنهي اڳواڻن ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.