لاهور-09 مئي (اي پي پي) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ڀارتي ميڊيا صحافت جي نالي تي ڪارو داغ بڻجي چڪي آهي، ڀارتي فورسز پاڪستاني فورسز هٿان ذلت آميز شڪست کائي رهي آهي، پاڪستان جي بهادر فوج پنهنجي هڪ هڪ انچ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي. ڀارتي ميڊيا جي پروپيگنڊا تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته هڪ ڪوڙ مودي سرڪاري ڳالهائي ٿي جڏهن ته اڳيان سئو ڪوڙ ڀارتي ميڊيا پکيڙڻ جو ڪم ڪري ٿي، ڀارتي ميڊيا جرنلزم جي نالي تي ڪارو داغ ۽ ڪارٽون نيٽ ورڪ بڻجي چڪي آهي، دنيا جي ميڊيا ڀارتي حڪومت ۽ ان جي ميڊيا جو مذاق اڏائي رهي آهي. عظميٰ بخاري چيو ته پاڪستان جا سمورا شهري بلڪل محفوظ آهن ۽ شهرين جي معمول واري زندگي روان دوان آهي. هن چيو ته پاڪستان جي شهرن ويجهو ڀٽڪڻ به ڀارت جي اڻپوري خواهش آهي جيڪا قيامت تائين پوري نه ٿيندي. هن چيو ته ڀارت 1965ع ۾ لاهور فتح ڪرڻ جو خواب ڏٺو هو پر ان کي عبرتناڪ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، اڄ وري ٽن ڏينهن کان ڀارتي فورسز پاڪستان جي فورسز هٿان ذلت آميز شڪست کائي رهي آهي، هن چيو ته پاڪستان جي فضائيه تاريخ رقم ڪري رهي آهي، پاڪ فضائيه 5 ڀارتي جهاز ڪيرايا، ڀارتي ميڊيا مودي سرڪار جو عالمي دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ پاڪستاني جهاز ڪيرائن جي ڪوڙي نيوز هلائي رهي آهي، الحمد الله پاڪستان جا سمورا جهاز مڪمل محفوظ آهن، پاڪستان جي بهادر فوج هڪ هڪ انچ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي.