اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته محصول ۾ واڌ ۽ غير قانوني واپار خلاف اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن، ٽيڪس نظام ۾ سڌارا انصاف، ڪارڪردگي ۽ معاشي شموليت جي اصولن جي روشني ۾ ڪيا پيا وڃن. هن اها ڳالهه لنڊن ۾ برٽش آمريڪن ٽو بيڪو جي سينئر نمائندن سان ملاقات ۾ چئي، جنهن ۾ غير قانوني واپار، جعلي تماڪ جي مصنوعات ۽ پاڪستان ۾ موجوده ايڪسائيز ڊيوٽي نظام جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. برٽش آمريڪن ٽوبيڪو جي نمائندن پاڪستان جي تماڪ جي شعبي ۾ اسمگلنگ ۽ جعلي مصنوعات جي وڌندڙ چئلينج تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ڪمپني ان ڳالهه تي زور ڀريو ته بلند ۽ غير متوازن ايڪسائيز ڊيوٽي غير قانوني ڪاروبار کي غير ارادي طور تي هٿي ڏني آهي، جنهن سان باضابطه مارڪيٽ کي نقصان پهتو آهي ۽ حڪومت کي وڏي ٽيڪس آمدني کان محروم ڪيو ويو آهي. هن تجويز ڏني ته هڪ مقعول ۽ قابل ڊيوٽي نظام سان غير قانوني واپار تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، صارفين کي قانوني چئنلز طرف راغب ڪري سگهجي ٿو ۽ وقت سان گڏوگڏ حڪومت لاءِ وڌيڪ ٽيڪس آمدني پيدا ڪري سگهجي ٿي، هن زور ڀريو ته اهڙو فريم ورڪ شعبي کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ، جائز ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ ۽ موثر ريگوليٽري نگراني لاءِ مددگار هوندو. ناڻي واري وزير ان معاملي کي جل جائز ڳڻتي قرار ڏيندي خاطري ڪرائي ته هي مسئلو ايندڙ وفاقي بجيٽ جي تياري دوران سنجيدگي سان غور هيٺ ايندو. هن چيو ته حڪومت جي وسيع تر عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن ۾ محصولات ۾ اضافو، مختلف شعبن جي رسمي حيثيت اختيار ڪرڻ شامل آهن. ملاقات جي پڄاڻي ان گڏيل مفاهمت تي ٿي ته عوامي صحت جي مقصدن ۽ مارڪيٽ کي رسمي شڪل ڏيڻ وچ ۾ توازن قائم رکڻ اڻٽر آهي ۽ پاڪستان ۾ هڪ مستحڪم ۽ قاعدن، ضابطن تي ٻڌل واپاري ماحول کي هٿي ڏيڻ ٻنهي ڌرين جي گڏيل ترجيح آهي.