اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب واري وزارت چيو آهي ته هوائي اڏن تي فلائيٽ آپريشن وقت بوقت بند هئڻ سبب لاڳاپيل حج اُڏامون ملتوي ۽ رڪاوٽن جو شڪار آهن ان لاءِ حج پانڌيئڙا لاڳاپيل حاجي ڪيمپن سان رابطي ۾ رهن. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب 7 کان 9 مئي دوران 13 حج اُڏامن جو شيڊول متاثر ٿيو آهي، 3 ڏينهن دوران 4 حج اُڏامون ملتوي ۽ 9 دير جون شڪار ٿيون. اسلام آباد ۽ لاهور کان سعودي ايئر لائنز جون 2-2 حج اُڏامون ملتوي ٿيون. لاهور کان 3، ڪوئيٽه کان 2، جڏهن ته ملتان ۽ ڪراچيءَ مان هڪ هڪ حج اُڏام دير جون شڪار ٿيون آهن. فلائيٽ آپريشن جي عارضي بندش سبب 13080 حج پانڌيئڙن جو شيڊول متاثر ٿيو آهي. اڪثر اُڏامون ڪجهه ڪلاڪن جي ليٽ کانپوءِ حج پانڌيئڙن کي کڻي روانيون ٿي ويون. اُڏامن جي ملتوي ٿيڻ سبب رهجي ويل 345 حج پانڌيئڙن کي اسلام آباد مان پي آءِ اي جي خصوصي اُڏام ذريعي ڪالهه روانو ڪيو ويو، وڌيڪ 540 حج پانڌيئڙن کي اسلام آباد ۽ لاهور کان خصوصي اُڏامن ذريعي روانو ڪيو ويندو. مذهبي معاملن واري وزارت حج اُڏامن جي شيڊول بابت معلومات جي فوري ۽ مؤثر فراهميءَ لاءِ هيلپ لائن (0519216980) قائم ڪئي وئي آهي. هيلپ لائن تي ڪال ڪري حج پانڌيئڙا پنهنجي اُڏامن جي وقت ۽ روانگيءَ بابت تازي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا. حج پانڌيئڙن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اُڏامن بابت ڄاڻ لاءِ لاڳاپيل حج ڪيمپن سان به رابطي ۾ رهن.