لاهور-09 مئي (اي پي پي) پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي تمام وڏو سانحو آهي، جيڪڏهن اسان تي جنگ مڙهي وئي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ پوري قوم گڏجي ان جو جواب ڏيندي. هو يو ايم ٽي لاهور ۾ رٿيل ”سنڌ طاس معاهدو، چئلينجز، خودمختياري ۽ حڪمت عملي“ جي عنوان سان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اسپيڪر وڌيڪ چيو ته پاڪستان امن چاهي ٿو پر ڪمزوري نه، جيڪڏهن ڀارت سنڌ طاس معاهدو ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان پنهنجي سمورن سفارتي، قانوني ۽ اسٽريٽجڪ آپشنز کي استعمال ڪندو. پاڻي پاڪستان جي زندگي آهي ان تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، جيڪڏهن هيءَ جنگ پاڻيءَ جي آهي ته ياد رکو پاڪستاني قوم پنهنجي نسلن جي تحفظ لاءِ 100 سالن تائين وڙهڻ جو حوصلو رکي ٿي. هن چيو ته 1960ع جو سنڌ طاس معاهدو پاڪستان جي امن پسندي ۽ رواداريءَ جي علامت هو، پر ڀارت طرفان چناب، جهلم ۽ سنڌو درياهه تي تڪراري ڊيمز ۽ منصوبا معاهدي جي هڪ طرفي خاتمي برابر آهن. اسپيڪر واضح ڪيو ته ڀارتي حڪومت جي هندو پرست سوچ نه صرف داخلي اقليتن پر پوري خطي جي خودمختيار رياستن لاءِ به خطرو بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته 25 ڪروڙ عوام جو حق ڪو ملڪ ڦريندو ته ان کي جواب ڏينداسين، جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته اسان پاڪ فوج سان گڏ وڙهنداسين. ملڪ احمد خان چيو ته ڀارت آبي وسيلن کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي. هن جي اها روش واٽر ٽيرر ازم برابر آهي، پاڪستان هڪ ذميدار رياست ۽ ان هميشه عالمي قانونن ۽ معاهدن جي پاسداري ڪئي آهي. هن چيو ته پاڻيءَ کي روڪڻ وڏي جنگ کي دعوت ڏيڻ آهي، چين جي گاما پترا مان 38 سيڪڙو پاڻي ڀارت ڏانهن وڃي ٿو جيڪڏهن پاڪستان جو پاڻي روڪيو ويو ته چين به پاڻي روڪي سگهي ٿو.