مظفر آباد-09 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو آهي ته ڪشميري عوام پاڪستان کي مضبوط ۽ مستحڪم بنائڻ لاءِ ڪنهن به قربانيءَ کان نه ڪيٻائيندو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب چوڌري انوار الحق قانونساز اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سمورا اختلاف وساري هر سطح تي مڪمل اتحاد کي هٿي ڏيڻ جي اشد ضرورت آهي. هن چيو ته هڪ مضبوط ۽ خوشحال …
ڪشميري عوام پاڪ فوج کي مضبوط ۽ مستحڪم بنائڻ لاءِ ڪنهن به قربانيءَ کان نه ڪيٻائيندو: آزاد ڪشمير جو وزيراعظم

مزید خبریں
مظفر آباد-09 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو آهي ته ڪشميري عوام پاڪستان کي مضبوط ۽ مستحڪم بنائڻ لاءِ ڪنهن به قربانيءَ کان نه ڪيٻائيندو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب چوڌري انوار الحق قانونساز اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سمورا اختلاف وساري هر سطح تي مڪمل اتحاد کي هٿي ڏيڻ جي اشد ضرورت آهي. هن چيو ته هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان ڪشميرين جي اميدن جو مرڪز آهي ۽ ڪشميري پاڪستان خاطر هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته ڇاڪاڻ ته ڀارت پاڪستان جي علائقائي خودمختياري جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ان لاءِ پاڪستان جي هٿياربند فوج جو جواب ڏيڻ جو پورو حق آهي ۽ هو ڀارت کي ضرور جواب ڏيندي. پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي هن واضح ڪيو ته ڪشميري پاڪستان لاءِ جيئندا به ۽ مرندا به. آزاد ڄمون ڪشمير ۾ پاڻي ذخيرن کي نشانو بنائڻ جي ڀارت جي مڪروه ڪوششن جي مذمت ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ڀارت پاڻي اڳرائي ڪري ٿو ۽ اسان جي ڊيمن کي نشانو بنائي ٿو ته انهن جي ڊيمن کي به نه بخشيو ويندو. هن چيو ته آزاد ڪشمير حڪومت ڀارتي اڳرائيءَ سان متاثر ٿيل ماڻهن لاءِ بجيٽ رکي آهي ۽ فنڊز ڊي سي کي منتقل ڪري ڇڏيا آهن. رياستي حڪومت متاثر خاندانن جي مڪمل سارسنڀال يقيني بنائيندي.











