اسحاق ڊار کي جاپان جي پرڏيهي وزير ايوا تاڪيشي جي ٽيليفون

اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي جاپان جي پرڏيهي وزير ايوا تاڪيشي ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم کيس پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ اشتعال انگيز حملن جي ڪري پيدا ٿيندڙ علائقائي صورتحال کان آگاهه ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگن سميت بيگناهه شهري شهيد ٿيا. هن چيو …

اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي جاپان جي پرڏيهي وزير ايوا تاڪيشي ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم کيس پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ اشتعال انگيز حملن جي ڪري پيدا ٿيندڙ علائقائي صورتحال کان آگاهه ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگن سميت بيگناهه شهري شهيد ٿيا. هن چيو ته ڀارتي جارحيت سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطرو آهي، پاڪستان عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي انهن خلاف ورزين جي ڏس ۾ تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پرعزم آهي. جاپان جي پرڏيهي وزير بدلجندڙ صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ معصوم شهرين جي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن زور ڏنو ته ٻئي ڌريون تحمل جو مظاهرو ڪن، خطي ۾ امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اجازت ڏني وڃي.

مزید خبریں