اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيه جي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ شهرين جي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ڪالهه پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم کيس پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڀارت جي غير قانوني حملن سبب علائقائي صورتحال کان آگاهه ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگ شهرين …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيه جي پرڏيهي وزير جو ٽيليفون تي رابطو
اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيه جي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ شهرين جي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ڪالهه پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم کيس پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڀارت جي غير قانوني حملن سبب علائقائي صورتحال کان آگاهه ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگ شهرين سميت بيگناهه ماڻهن جي شهادت ٿي. هن چيو ته پاڪستان عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ان ڀڃڪڙين جنهن سان علائقائي امن ۽ سلامتيءَ کي خطرو آهي تي تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پُرعزم آهي. برطانيه جي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي ان صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ شهرين جي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ڌُرين کي تحمل سان ڪم وٺڻ ۽ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.










