عبدالرحمان پشاوري کي تُرڪيه جي حڪومت ياد ڪري وڏو ڪم ڪيو آهي: ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ

استنبول/ڪراچي- 09 مئي (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو آهي ته ڪميٽيڊ ۽ پرعزم ماڻهن کي سندن موت کان 100 سال پوءِ به ياد رکيو ويندو آهي، عبدالرحمان پشاوري کي تُرڪيه جي حڪومت ياد ڪري وڏو ڪم ڪيو آهي، ان حوالي سان ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، ۽ انقره ۾ سمپوزيم منعقد ڪيا وڃن. استنبول يونيورسٽي ۾ عبدالرحمان پشاوري جي 100 هين سالگرهه …

استنبول/ڪراچي- 09 مئي (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو آهي ته ڪميٽيڊ ۽ پرعزم ماڻهن کي سندن موت کان 100 سال پوءِ به ياد رکيو ويندو آهي، عبدالرحمان پشاوري کي تُرڪيه جي حڪومت ياد ڪري وڏو ڪم ڪيو آهي، ان حوالي سان ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، ۽ انقره ۾ سمپوزيم منعقد ڪيا وڃن. استنبول يونيورسٽي ۾ عبدالرحمان پشاوري جي 100 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد ٿيل سمپوزيم ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته قومن کي انهن جي تاريخ، خوبين ۽ ڪردار جي ڪري ياد رکيو ويندو آهي، اها خُوشي جي ڳالهه آهي ته ترڪيه جي حڪومت ۽ صدر رجب طيب اردوان ترڪيه ۽ پاڪستان جي گمنام هيرو عبدالرحمان پشاوريءَ کي ياد ڪيو آهي. ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ عبدالرحمان پشاوري جي حوالي سان ٻُڌايو ته 26 سالن جو عبدالرحمان پشاوري هڪ خوشحال خاندان جو فرد هو جيڪو علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي ۾ پنهنجي پڙهائي ڇڏي نرسنگ جي تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه وڪڻي بلقان جنگ ۾ ترڪ ڀائرن جي مدد لاءِ ويل وفد جو حصو بڻيو هو. ان کان پوءِ هو پهرين عالمي جنگ وقت به ترڪيه ۾ موجود هئو، جتي هن سلطنت عثمانيه جي حفاظت لاءِ ڪم ڪيو، ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته ترڪيه ۾ رهڻ دوران، هو انادولو نيوز ايجنسي ۾ شامل ٿيو، جنهن جي هُو باني رپورٽرس مان هڪ هو، بعد ۾ کيس ترڪيءَ جي عظيم اڳواڻ ڪمال اتاترڪ ڪابل ۾ ترڪيءَ جو پهريون سفير مقرر ڪيو هو. ڊاڪٽر صحرائي چيو ته عبدالرحمان پشاوري اهي سڀ ڪم صرف تيرهن سالن جي عرصي ۾ وقار، بهادري ۽ عزت سان مڪمل ڪيا، ۽ کيس صرف چاليهه سالن جي عمر ۾ قتل ڪيو ويو. ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته ايتري ننڍي عمر جو اهو پروفائيل ظاهر ڪري ٿو ته جيڪي ماڻهو ڪميٽيڊ ۽ پرعزم هوندا آهن، انهن کي سندن موت کان 100 سال پوءِ به ياد رکيو ويندو آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ پاڪستان جي تاريخي اداري سنڌ مدرسة الاسلام جي باني خانبهادر حسن علي آفندي جي ڪردار جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته حسن علي آفندي کي سلطنت عثمانيه پاران تعليم ۽ سلطنت عثمانيه لاءِ انجام ڏنل خدمتن عيوض ٻن لقبن ”بي“ ۽ ”آفندي“ سان نوازيو ويو هو. ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته اسان جي انهن ٻنهي هيروز، حسن علي آفندي ۽ عبدالرحمان پشاوريءَ جي خدمتن ۽ ڪردار کي پاڪستان ۽ ترڪيه جي نوجوان نسل تائين پهچائڻ گهرجي. هن تجويز ڏني ته هن قسم جا سمپوزيم ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، ۽ انقره ۾ منعقد ڪيا وڃن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ اهڙو سمپوزيم منعقد ڪيو ويندو ته مدرسة الاسلام يونيورسٽي ان جي لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪندي. پنهنجي خطاب ۾ هن ترڪيه حڪومت، انسٽيٽيوٽ آف يونس امري ۽ يونيورسٽي آف استنبول جي ڪوششن کي ساراهيو، جن عبدالرحمان پشاوري جي ياد ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪري پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي اڃا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.

مزید خبریں