ڄمون-09 مئي (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوجن پنهنجي رياستي دهشتگرديءَ جي تازي ڪارروائي دوران سانبا ضلعي ۾ 7 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب انهن نوجوانن کي ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس ضلعي جي علائقي آر ايس ايس ويجهو هڪ آپريشن دوران شهيد ڪيو. آخري اطلاع ملڻ تائين علائقي ۾ فوجي ڪارروائي جاري هئي. هوڏانهن اسلام آباد ضلعي …
ڪشمير جي ضلعي سانبا ۾ ڀارتي فوج 7 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو
ڄمون-09 مئي (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوجن پنهنجي رياستي دهشتگرديءَ جي تازي ڪارروائي دوران سانبا ضلعي ۾ 7 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب انهن نوجوانن کي ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس ضلعي جي علائقي آر ايس ايس ويجهو هڪ آپريشن دوران شهيد ڪيو. آخري اطلاع ملڻ تائين علائقي ۾ فوجي ڪارروائي جاري هئي. هوڏانهن اسلام آباد ضلعي جي علائقي سرنال ۾ هڪ نوجوان جو لاش هڪ مسجد ۾ لڙڪيل حالت ۾ مليو. عادل مئي کان گُم هو.










