اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ عام ماڻهن کي رليف ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، غريب ۽ وچولي طبقي جي مالي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وفاقي بجيٽ 26-2025ع جي تياري جي حوالي سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ نجي …
ايندڙ بجيٽ ۾ عام ماڻهن کي رليف ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ عام ماڻهن کي رليف ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، غريب ۽ وچولي طبقي جي مالي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وفاقي بجيٽ 26-2025ع جي تياري جي حوالي سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ نجي شعبي سان تعلق رکندڙ مشهور ڪاروباري شخصيتن ۽ ماهرن سان بجيٽ تي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ حڪومت ۽ نجي شعبي کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ عام ماڻهن کي رليف ڏيڻ اولين ترجيح آهي، غريب ۽ وچولي طبقي جي مالي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين. وزيراعظم وفاقي بجيٽ جي تياري ۾ روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته صنعتن کي هٿي ڏيڻ ۽ پيداوار ۾ اضافي لاءِ منصوبن تي ڪم ڪيو وڃي، نوجوانن کي پيشيوراڻي تربيت ڏئي حاضر دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ اسان جي حڪومت جي ترجيح آهي. هن وفاقي بجيٽ تيار ڪندي نوڪرين جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار ۽ هائوسنگ جي شعبن تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته انهن سمورن شعبن ۾ گهڻي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت منصوبن کي هٿي ڏيڻ ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومتي ترجيح هوندي. وزيراعظم چيو ته پاور سيڪٽر ۾ حڪومتي سڌارن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن، صنعتن لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي صنعت ۽ پيداوارکي هٿي ڏيڻ طرف هڪ اهم قدم آهي، حڪومتي نظام کي شفاف بڻائڻ، ڪاروباري برادري، سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان آٽو ميشن ۽ ڊجيٽلائيزيشن کي هٿي ڏني پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ڳاڻيٽي کي گهٽائڻ جي حوالي سان رائيٽ سائزنگ جو عمل ايندڙ مالي سال به جاري رکيو ويندو. ان موقعي تي وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بجيٽ تياري جي حوالي سان نجي شعبي سان مشاورت جو عمل گذريل ٽن مهينن کان جاري آهي، بجيٽ جي تياري جي حوالي سان معيشت جي مختلف شعبن سان اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورتي ويهڪون ڪيون ويون آهن. 30-2025ع تائين پنج سالن وارو ٽريڊ پاليسي فريم ورڪ جلد مڪمل ڪيو ويندو، اي ڪامرس 2.0 فريم ورڪ به پڄاڻي جي ويجهو آهي. ان کانسواءِ ٽيرف ريشنلائزيشن جي حوالي سان به لائحه عمل تيار ڪيو پيوو ڃي، ڪاروباري شخصيتون ۽ ماهرن جا وفد حڪومتي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪندي پنهنجون پنهنجون تجويزون ڏين. وزيراعظم نجي شعبي سان تعلق رکندڙ مشهور ڪاروباري شخصيتن ۽ ماهرن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ انهن کي عمل جوڳين تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، احد خان چيمه، محمد اورنگزيب، ڄام ڪمال خان، شزه فاطمه، سردار اويس احمد لغاري، علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.










