پاڪستان ڀارت جي پنجن جنگي جهازن ۽ 77 ڊرونز کي ڪاميابي سان ڪيرايو آهي: وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان کي ڀارت تي روايتي جنگ ۾ واضح ۽ فيصلائتي برتري حاصل ٿي چڪي آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج دشمن جي جارحيت جو ڀرپور ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏيندي ڀارت جي پنجن جنگي جهازن ۽ هن وقت تائين 77 ڊرونز کي ڪاميابي سان ماري ڪيرايو آهي جيڪو پاڪستان جي فضائي صلاحيتن ۽ …

اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان کي ڀارت تي روايتي جنگ ۾ واضح ۽ فيصلائتي برتري حاصل ٿي چڪي آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج دشمن جي جارحيت جو ڀرپور ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏيندي ڀارت جي پنجن جنگي جهازن ۽ هن وقت تائين 77 ڊرونز کي ڪاميابي سان ماري ڪيرايو آهي جيڪو پاڪستان جي فضائي صلاحيتن ۽ فوجي برتري جو واضح ثبوت آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي تنهن هوندي به ڪنهن به جارحيت خلاف پنهنجو دفاع ڪرڻ اسان جو قانون،ي اخلاقي ۽ رياستي حق آهي، پاڪستان پنهنجو اهو حق ذميواري سان استعمال ڪيو آهي ۽ ڪندو. هن چيو ته هاڻوڪن ڏينهن ۾ ڀارت نه رڳو عسڪري محاذ تي اڳرائي ڪئي پر پنهنجي عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ داخلي سطح تي ميڊيا تي بدترين پروپيگنڊا مهم شروع ڪئي. ڀارتي ميڊيا تي منظم انداز ۾ فيڪ نيوز، پراڻيون تصويرون ۽ جعلي وڊيوز ذريعي هڪ ڪوڙو بيانيو گهڙيو پيو وڃي جيڪو ڀارتي حڪومت جي گهٻرائٽ، ناڪامي ۽ بدحواسي جو چٽو ثبوت آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي ڪوڙي پروپيگنڊا کي ڀرپور طريقي سان بي نقاب ڪيو جنهن سان ڀارت جي وڌيڪ بدنامي سان گڏوگڏ ڀارت کي نقصان کڻڻو پيو. وفاقي وزير چيو ته ڪوڙي بياني ذريعي ڀارت پنهنجي ناڪامي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي جنهن کي سڄي دنيا ڏٺو ۽ ڀارت کي وڌيڪ شرمندگي جو منهن ڏسڻو پيو.

مزید خبریں