اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبليءَ جي ميمبر محمد خان ڏاها سان ان جي والد ۽ اڳوڻي صوبائي وزير پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ حاجي عرفان احمد خان ڏاها جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظاهر ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد خان ڏاها کي فون ڪيو ۽ ان جي والد جي لاڏاڻي …
وزيراعظم پاران پنجاب جي اڳوڻي وزير عرفان احمد ڏاها جي لاڏاڻي تي ڏُک جو اظهار
اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبليءَ جي ميمبر محمد خان ڏاها سان ان جي والد ۽ اڳوڻي صوبائي وزير پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ حاجي عرفان احمد خان ڏاها جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظاهر ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد خان ڏاها کي فون ڪيو ۽ ان جي والد جي لاڏاڻي تي ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مرحوم لاءِ بخشش ۽ ان جي ڪٽنب لاءِ صبر جي دُعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته حاجي عرفان احمد ڏاها سياسي ڪارڪن طور عوامي فلاح لاءِ ساراهه جوڳيون سرانجام ڏنيون. منهنجون سموريون همدرديون مرحوم جي ڪٽنب سان آهن.










