اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته هٿياربند فوج ڀارت جي ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي، پوري پارليامينٽ ۽ قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي راڻا تنوير حسين چيو ته ڀارت جي پاڪستان تي الزام تراشي بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهي، ڀارت پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير …
هٿياربند فوج ڀارت جي ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، پوري پارليامينٽ ۽ قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته هٿياربند فوج ڀارت جي ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي، پوري پارليامينٽ ۽ قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي راڻا تنوير حسين چيو ته ڀارت جي پاڪستان تي الزام تراشي بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهي، ڀارت پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ جيڪو ماحول پيدا ڪيو آهي اهو دهشتگردي آهي، ڀارت کي پاڪستان جو وجود برداشت نٿو ٿئي، جڏهن به ڀارت کي موقعو مليو آهي هن پاڪستان کي نقصان پهچائڻ کان پاسو ناهي ڪيو، پر اسان جي هٿياربند فوج هميشه ان جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملايو آهي. هن چيو ته مودي کي اها حقيقت سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان غزه ناهي، مون کي منهنجي تڪ مان نوجوان فون ڪري رهيا آهن ته اسان کي ڀارت خلاف وڙهڻ لاءِ رجسٽرڊ ڪيو وڃي، پوري پاڪستاني قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي، اسان جي هٿياربند فوج سڄي دنيا ۾ بهترين فوجن ۾ شامل آهي. هن چيو ته اسان وٽ جديد ترين جنگي جهاز ۽ هٿيارن سان گڏوگڏ ايمان جو جذبو موجود آهي، اسان جي شاهينن سڄي دنيا ۾ پهريون ڀيرو رافيل ويڙهاڪ جهاز کي ڪيرايو آهي، جيڪڏهن مودي سمجهي ٿو ته هو جارحيت ڪري اليڪشن کٽي ويندو ته اها سندس ڀُل آهي، مودي جو غرور مٽي ۾ ملي چڪو آهي، پوري پارليامينٽ ۽ قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي.










