اسلام آباد - 09 مئي (اي پي پي) ملڪ جي مختلف سياسي جماعتن سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبرن چيو آھي ته ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي لاءِ اسان سڀ متحد آھيو، دشمن کي منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، مودي دنيا جو سڀ کان وڏو دھشتگرد آھي. گذريل ڏينھن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڀارت جي جارحيت تي جاري بحث شروع …
ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي لاءِ اسان سڀ متحد آھيون، دشمن کي منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا: قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ميمبرن جو اظھار
اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) ملڪ جي مختلف سياسي جماعتن سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبرن چيو آھي ته ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي لاءِ اسان سڀ متحد آھيو، دشمن کي منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، مودي دنيا جو سڀ کان وڏو دھشتگرد آھي. گذريل ڏينھن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڀارت جي جارحيت تي جاري بحث شروع ڪندي ايم ڪيو ايم جي ميمبر سنجي پرواني چيو ته ڀارت ۾ رھندڙ اقليتن سان جيڪو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. اھو سڄي دنيا ڏسي رھي آھي، پاڪستان ۾ رھندڙ اقليتن سميت ھندو پنھنجي سموري مذھبي آزادي سان زندگي گذاري رھيا آھن. سنجي پرواني چيو ته مودي پاڪستان تي بزدلاڻا حملا ڪري خطي جي امن کي تباھه ڪرڻ چاھي ٿو پاڪستان امن جو خواھشمند آھي جيڪڏھن ڀارت جنگ چاھي ٿو ته اسان به تيار آھيون. قومي اسيمبلي جي ميمبر صادق ميمڻ بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته ڀارت اسان جي معصوم شھرين کي شھيد ڪيو، اسان ھٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. مودي سرڪار اھڙو بيانيو بڻائي پاڪستان کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، نريندر مودي ڊگھي عرصي کان ھندو قوم پرستن کي خوش ڪرڻ چاھي ٿو. ھن چيو ته پھلگام واقعي بعد پاڪستان ھڪ مضبوط موقف اختيار ڪيو ته ڀارت پھلگام واقعي ۾ پاڪستان تي الزام ثابت ڪري ۽ ان لاءِ ھڪ آزاداڻي ۽ شفاف عالمي سطح جي جاچ ڪرائي وڃي. اپوزيشن ميمبر شاھد خٽڪ چيو ته ان صورتحال ۾ اسان کي قومي يڪجھتي ۽ اتحاد جو مظاھرو ڪرڻو آھي. اسد قيصر چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ھميشه ذميوار سياسي جماعت جو ڪردار ادا ڪيو آھي، ان موقعي تي ايوان متفقه طور ٺھراءُ منظور ڪيو.










