اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پوري قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ڪنهن به جارحيت تي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، سرحدن جي دفاع ۽ ملڪي سلامتي لاءِ پوري قوم متحد آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جي مختلف هنڌن تي حملن جي حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ جاري بحث ۾ …
پوري قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ڪنهن به جارحيت تي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: ريلوي وارو وفاقي وزير
اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پوري قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ڪنهن به جارحيت تي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، سرحدن جي دفاع ۽ ملڪي سلامتي لاءِ پوري قوم متحد آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جي مختلف هنڌن تي حملن جي حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ جاري بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته پوري دنيا آڏو ڀارت جو مڪروه چهرو ظاهر ٿي چڪو آهي، ڀارت ڪنهن به غلط فهمي ۾ نه رهي، پاڪستان جي قوم باقي معاملن تي به مختلف راءِ رکي ٿي تنهن هوندي به سرحدن جي حفاظت ۽ ملڪي دفاع ۽ سلامتي تي پوري قوم متحد آهي ۽ ان تي ڪو به سمجهوتو نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته پاڪستان جي زميني، هوائي ۽ سامونڊي فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا جنهن ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. هن چيو ته اڄ اسان کي دشمن کي پيغام ڏيڻو آهي ته شهادت مومن لاءِ ضرورت ۽ مقصد آهي. حنيف عباسي چيو ته ڀارت هر موقعي تي بزدلي سان رات جي وقت حملو ڪيو، اڄ پوري پاڪستاني قوم پنهنجي شاهينن کي خراج تحسين پيش ڪري رهي آهي، گجرات جي قاسائي صرف مسلمانن جي رت سان هٿ ناهن رڱيا،مودي مسلمانن سان گڏوگڏ عيسائين ۽ سکن جو به رت وهايو، ڀارت اسان جي ٻارن، عورتن کي نشانو بڻايو پر اسان ان جي ملٽري هدفن کي نشانو بڻايو، ڀارت پهلگام جو ڊرامو رچايو، ڀارت دنيا جو سڀ کان وڏو دهشتگرد آهي، نيپال، آسٽريليا، ڪينيڊا ۽ برطانيه ۾ به ڀارت دهشتگردي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ جيڪا دهشتگردي ڪري رهيو آهي ان جا ثبوت موجود آهن، ڀارت جي سهولتڪارن کي به تنبيهه ڪئي هئي، جيڪو به دهشتگردي ۾ ملوث هجي اسان هڪ سپاهي جي بدلي سئو مارينداسين، اڄ ڀارتي فوجي وڦلي رهيا آهن، ڀارت پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي ته ايف 16 ڪيرايو، اوهان ان جي ڀرمان به نٿا گذري سگهو، اسان پڪو پهه ڪيو آهي ته بدلو وٺڻو آهي، هن چيو ته اسان وقت ۽ هنڌ جو تعين ڪري بدلو وٺنداسين، اسان دهشتگردي جو شڪار رهيا آهيون، دهشتگردي جي سمورن الزامن کي رد ڪريون ٿا.اسان ڀارتي سندور کي انهن لاءِ تندور بڻايو آهي، اسان 9 مئي وارا ناهيون 28 مئي وارا آهيون، اسان نه شهيدن جي مجسما ڪيرايا نه 9 مئي ڪيو، جيڪي پاڪستان مان ڪمائي ٻاهر ويهي ملڪ دشمني ڪري رهيا آهن اهي غدار آهن.










