اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپين بارٿ ايدي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم کيس پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن تي ڀارت جي غير قانوني ۽ بنا جواز ڀارتي حملن سبب بگڙجندڙ علائقائي صورتحال کان آگاهه ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگن سميت بي گناهه شهرين …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ناروي جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه، بنا جواز ڀارتي حملن سبب بگڙجندڙ علائقائي صورتحال کان آگاهي
اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپين بارٿ ايدي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم کيس پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن تي ڀارت جي غير قانوني ۽ بنا جواز ڀارتي حملن سبب بگڙجندڙ علائقائي صورتحال کان آگاهه ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگن سميت بي گناهه شهرين جي شهادت ٿي. هن چيو ته پاڪستان عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي انهن خلاف ورزين جن سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطرو آهي، تي تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان حڪومت ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي دفاع لاءِ پرعزم آهي. ناروي جي پرڏيهي وزير جاري ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ شهرين جي المناڪ جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان طرفان تحمل جو مظاهرو ڪرڻ کي ساراهيو ۽ وڌيڪ تڪرار کان بچڻ لاءِ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ سفارتڪاري وسيلي تڪرار جو حل حاصل ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڀريو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفان لاڳاپن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير ناروي جي سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ پرڏيهي پاڪستانين جي مثبت حصيداري جو اعتراف ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ بدلجندڙ صورتحال تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو










