اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر جي 48 ڪلاڪن ۾ ٻي اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪ - ڀارت ڇڪتاڻ ۽ سرحدن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزير محسن نقوي وقتي آمريڪي سفير کي موجوده ڇڪتاڻ ۽ پيدا ٿيل صورتحال کان آگاهه ڪيو. گهرو وزير ڀارت جي ڊرون دهشتگردي بابت به آمريڪي وقتي …
وفاقي گهرو وزير سان آمريڪا جي وقتي سفير جي 48ڪلاڪن ۾ ٻي اهم ملاقات، پاڪ -ڀارت ڇڪتاڻ، سرحدن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر جي 48 ڪلاڪن ۾ ٻي اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ ۽ سرحدن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزير محسن نقوي وقتي آمريڪي سفير کي موجوده ڇڪتاڻ ۽ پيدا ٿيل صورتحال کان آگاهه ڪيو. گهرو وزير ڀارت جي ڊرون دهشتگردي بابت به آمريڪي وقتي سفير کي بريف ڪيو. هن ٻڌايو ته ڀارت سمورن عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري شهري آبادين کي ڊورنز ذريعي نشانو بڻائڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي. پاڪستان موثر ڪارروائي ڪري درجنين ڊورنز کي ڪيرايو. خطي جي خطرناڪ صورتحال جي سموري ذميوار ڀارت آهي. سڄو خطو جنگ جي ڪناري تي آهي. سلامتي تي هرگز سمجهوتو نه ڪنداسين، آمريڪي سفارتخاني جو پوليٽيڪل قونصلر زيڪ هارڪن رائيڊر به ان موقعي تي موجود هو.










